عبدالرحمان ميمڻ مولانا

عبدالرحمان ميمڻ، مولانا: نامور بزرگ ۽ عالم مولانا عبدالرحمان ولد خليفو محمد بچل ميمڻ، شڪارپور جو رهاڪو هو. سندس جنم 1879ع ڌاري ٿيو. هن ديني تعليم مقامي طور حاصل ڪئي. مولانا عبدالرحمان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ديني تعليم ڏيڻ جي مشغلي ۾ رهيو. وٽانئس ڪيترائي عالم فيضياب ٿي نڪتا. هيءُ وڪٽوريا جوبلي انسٽيٽيوٽ شڪارپور جو صدر، صدر مدرس ۽ مهتمم ٿي رهيو. هن اسلامي تعليم بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ‘فضائل سيد المرسلين’، ‘فضائل خلفاءِ راشدين’، ‘مجموعه فتاويٰ’ (فارسي) ۽ ‘مجموعه رسائل’ (عربي) قابل ذڪر آهن. مولانا عبدالرحمان ميمڻ سنڌيءَ کان سواءِ عربي ۽ فارسي ٻولين تي به دسترس رکندو هو. هن نامور عالم جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مقالي ‘شڪارپور جا نثر نويس’ ۾ ڪيو آهي. مولانا عبدالرحمان ميمڻ، 1922ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو